ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز اڱاري ۽ اربع تي ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اڱاري ۽ اربع تي رات جو ٿڌ جي شدت ۾ معمولي واڌ جو امڪان آهي، ان دوران پارو 12 کان 10 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته رمضان جي شروعاتي ڏينهن ۾ موسم بهتر رهڻ جو امڪان آهي، ڏينهن جو موسم ڪجهه گرم ۽ رات جو سامونڊي هوا سبب موسم بهتر رهندي، رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ موسم ڪجهه گرم رهي سگهي ٿي.
سردار سرفراز ٻڌايو ته 20 مارچ کان گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.
Next Post
You might also like