لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جو قذافي اسٽيڊيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ تيار ٿي ويو.
قذافي اسٽيڊيم جو تعميراتي ڪم 4 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ هاڻ اسٽيڊيم شوقينن جي ميزباني لاءِ تيار آهي.
تعميراتي ڪم کانپوءِ 24 هزار سيٽن واري اسٽيڊيم ۾ وڌيڪ 10 هزار شوقينن جي ويهڻ جي گنجائش ٿي آهي ۽ هاڻ 34 هزار کان وڌيڪ شوقين ميچ مان لطف اندوز ٿيندا.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته 7 فيبروري تي وزيراعظم شهباز شريف اسٽيڊيم جو افتتاح ڪندو.
You might also like