آمريڪي فضائي حادثي ۾ پاڪستاني عورت به حياتي وڃائي ويٺي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مسافر جهاز هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ جي واقعي ۾ فوت ٿيل مسافرن ۾ هڪ پاڪستاني عورت اسريٰ حسين به شامل آهي.
اسريٰ حسين جي مڙس حماد رضا مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته جيئن ئي جهاز ريگن نيشنل ايئرپورٽ ڀرسان پهتو ته گهرواري موبائل تي ميسيج ڪيو ته جهاز لينڊ ڪرڻ وارو آهي، مان جوابي پيغام موڪليا ته اهي وصول نه ٿيا، جنهن کانپوءِ لڳو ته ڪا ڳڙٻڙ ٿي آهي، بدقسمتي سان اسريٰ جو اهو آخري پيغام ثابت ٿيو.
اسريٰ حسين ڪينساس رياست جي شهر ويچيٽا ۾ ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ وئي هئي ۽ واپسيءَ تي اهو حادثو پيش آيو، اسريٰ جي مڙس حماد رضا جو واسطو آمريڪي رياست ميزوري سان آهي.
ويجهن دوستن موجب حماد رضا ٻه سال اڳ اسريٰ سان شادي ڪئي هئي، ٻنهي انڊيانا يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ڪئي، حماد ارنسٽ اينڊ ينگ ۾ اڪائونٽنٽ طور ملازم آهي، سندس پيءُ ڊاڪٽر هاضم رضا جو واسطو ڪراچي سان آهي، جنهن کي ميزوري رياست جي بهترين ڊاڪٽرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، هن وقت هو ميزوري بيپٽيسٽ ميڊيڪل سينيٽر ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.