اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن ٻي عدالت مان جج آڻڻ يا چيف جسٽس بڻائڻ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ٻي عدالت مان جج آڻڻ يا چيف جسٽس بڻائڻ تي اعتراض
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججن چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو.
ججن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز کي به خط لکيو آهي.
خط اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ ٻي هاءِ ڪورٽ مان جج آڻڻ جي اطلاعن تي لکيو ويو ۽ اهو خط جسٽس محسن اختر ڪياني سميت ٻين ججن لکيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻي هاءِ ڪورٽ مان جج نه آندو وڃي ۽ نه چيف جسٽس بڻايو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ئي ٽن سينيئر ججن مان چيف جسٽس بڻايو وڃي.
خط موجب ٻي هاءِ ڪورٽ مان جج آڻڻ لاءِ بامعنيٰ مشاورت ضروري آهي، ٻي هاءِ ڪورٽ مان جج آڻڻ لاءِ سبب ڏيڻ به ضروري آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڀيٽ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ٻه لک آهن.
خط ۾ ججن چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري سينارٽي ڪيئن تبديل ٿي سگهي ٿي؟ ميڊيا ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ مان جج اسلام آباد آڻڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن موجب بار ايسوسيئيشنز طرفان چيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ مان هڪ جج کي ٽرانسفر ڪرڻ گهرجي، ان جج کي وري چيف جسٽس طور غور هيٺ آندو ويندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ مان به هڪ جج جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي جي تجويز تي غور ٿيڻ جا اطلاع آهن.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هاءِ ڪورٽ مان ٻي هاءِ ڪورٽ بدلي جو عمل آئين جي آرٽيڪل 200 تحت ٿيندو آهي.
ذريعن موجب ججن طرفان صدر کي به خط جي ڪاپي موڪلي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.