شگر ۽ دل جي دورن جو مرض اڄڪلهه عام ٿيندو پيو وڃي، انهن جا مختلف سبب ٿين ٿا پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ان جو سڀ کان وڏو سبب ڪهڙي آهي؟
جيڪڏهن توهان مٺا شربت يا پيئڻ جا شوقين يا ٻيون مٺيون شيون کائڻ پسند ڪندا آهيو، ته اها عادت وقت کان پهرين موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
اهڙي خبرداري آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق مان سامهون آئي آهي.
مٺا شربت جسم کي ڪي به فائديمند ڪيلوريز نٿا ڏين ۽ انهن مان رت ۾ شگر جي سطح فوري طور تي وڌي ٿي، جنهن سان بلڊ شوگر تيزي سان وڌندو آهي.
ٽفس يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کنڊ مان ٺهيل مختلف قسم جا شربت، يا سوڍا وغيره، جو گهڻو استعمال گڏيل صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو.
تحقيق ۾ سڄي دنيا ۾ کنڊ مان ٺهيل شربت جي استعمال جا اثر گڏ ڪيا ويا ۽ ان جو تجزيو ڪري هڪ ماڊل تيار ڪيو ويو، جنهن مان مٺي شربت پيئڻ جي نقصانن جو اندازو لڳايو ويو.
تحقيق مان خبر پئي آهي ته مٺي شربتن جو گهڻو استعمال ذيابطيس ۽ دل جي رڳن سان جڙيل بيمارين جهڙوڪ دل جي دوري ۽ فالج جو خطرو وڌائي ٿو.
تحقيق موجب اهي شربت هر سال شگر ۽ دل جي بيمارين جي سبب 3 لک 30 هزار کان وڌيڪ موتن جو سبب بڻجن ٿا.
لاطيني آمريڪا ۾ اهو مسئلو وڌيڪ سنجيده آهي، جتي دل جي شريانن جي بيماري جا وڌيڪ ڪيس مٺي شربتن جي استعمال جو نتيجو آهن، جڏهن ته آفريڪا ۾ شگر ٽائپ 2 جي وڌڻ جو سبب پڻ انهن شربتن جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي.
ماهرن تسليم ڪيو آهي ته جيئن ته ان تحقيق لاءِ گڏ ڪيل ڊيٽا تي ڀاڙيو پيو وڃي، رڳو ائين ئي چوڻ ته شگر ۽ دل جون بيماريون ٿينديون ئي انهن جي ڪري آهن اهو صحيح نه هوندو پر انهن جو اثر ضرور پوي ٿو آهي.
تحقيق ۾ چيو ويو ته ان مان سنگين اثرن جي دريافت حيران ڪندڙ ناهي، ڇو ته اڳ ۾ ڪيترن ئي تحقيقن ۾ پڻ مٺن شربتن جي استعمال ۽ مختلف بيمارين جي وچ ۾ تعلق ثابت ڪيو ويو آهي.
تحقيق جا نتيجا جرنل "نيچر ميڊيسن” ۾ ڇپيا.
ان کان اڳ، مئي 2024 ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ پڻ اهو ٻڌايو ويو هو ته مٺا شربت ۽ الٽرا پروسيسڊ خوراڪ جو گهڻو استعمال وقت کان پهرين موت جو خطرو وڌائي ٿو.
اهڙي تحقيق هڪ لک 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪئي وئي هئي ۽ اها 34 سال تائين جاري رهي.
تحقيق ۾ معلوم ڪيو ويو هو ته پروسيس گوشت جو گهڻو استعمال وقت کان پهرين موت جو خطرو 13 سيڪڙو وڌائي ٿو.
واضح رهي ته گوشت کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ يا ان جو ذائقو بدلائڻ لاءِ پراسيس ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ مختلف طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا.
اهڙي ريت کنڊ يا هٿرادو مٺاڻ سان ٺهيل شربتن جو گهڙي يا گهڻو استعمال وقت کان پهرين موت خطرا 9 سيڪڙو وڌائي ٿو.