نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي آيل آمريڪي عورت جي پٽ حقيقت ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي آيل آمريڪي عورت جي پٽ جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو.
آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنسن جو آمريڪا ۾ موجود پٽ منظر تي اچي ويو، جنهن حقيقتن سان پردو کڻندي پنهنجي ماءُ کي ذهني مريض قرار ڏئي ڇڏيو.
عورت جي پٽ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ميڊيا ذريعي خبر پئي ته ماءُ پاڪستان ۾ آهي، منهنجي ماءُ هڪ شخص ۽ ان جي گهر ڀاتين سان ملڻ پاڪستان وئي هئي ۽ کيس ٻن هفتن کانپوءِ واپس اچڻو هو پر نه آئي.
هن چيو ته مان ماءُ کي واپسي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ناڪام رهيس، منهنجي ماءُ ۽ مان سندس واپسي جي ٽڪيٽ به ڪرائي هئي، هوءَ ذهني مريض آهي ۽ سندس سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت متاثر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.