اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جي قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جو اگهه 140 مان وڌائي 145 رپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سبب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان واڌ باوجود يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ اوپن مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ سستي آهي. واضح رهي ته وفاقي ڪابينا گذريل هفتي يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ بابت ڪميٽي جوڙي هئي.صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا ڪميٽي کي هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.