ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير کي عهدي تان هٽايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير کي ٻيڙي حادثن ۽ ملڪ مان غير قانوني هجرت جي روڪٿام ۾ ناڪامي تي عهدي تان هٽايو ويو آهي.
احمد اسحاق جهانگير کي اسٽيبلشمينٽ ۾ او ايس ڊي بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب گهرو وزارت ڊي جي ايف آءِ اي جي برطرفي لاءِ وزيراعظم کي سمري موڪلي هئي، جنهن جي وزيراعظم منظوري ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته احمد اسحاق جهانگير کي ٻيڙي حادثن ۾ سست جاچ تي هٽايو ويو آهي.
ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نئين ڊي جي ايف آءِ اي لاءِ آفيسرن جي شارٽ لسٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان گهرو وزارت سمري ڪابينا کي موڪليندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.