دبئي جي گلوبل وليج ۾ تازو هڪ تقريب دوران بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان سان مداحن ملاقات ڪئي، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
هڪ وڊيو ۾ شاهه رخ خان مزاحيا انداز ۾ چئي ٿو ته ”مان هن سال 60 جو ٿيڻ وارو آهيان پر لڳان 30 جو ٿو“.
شاهه رخ خان جي ان جملي تي مداحن پرجوش ردعمل ڏنو آهي.
واضح رهي ته شاهه رخ خان هن وقت سڌارٿ آنند جي فلم ”ڪنگ“ جي شوٽنگ ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ڌيءَ سهانا خان ۽ اڀيشيڪ بچن به شامل آهن.
تقريب دوران شاهه رخ خان فلم جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا پر خاطري ڪرائي ته اها ڏسندڙن کي ضرور پسند ايندي.
You might also like