ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا ناديا حسين شوبز انڊسٽري جي مڪروهه چهري تان پردو کڻي ڇڏيو.
ناديا حسين ماڊل، اداڪارا، بزنس وومين هجڻ سان گڏوگڏ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر به آهي، هوءَ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڏهاڪن کان فيشن انڊسٽري جو حصو آهي.
ناديا حسين تازو هڪ پروگرام ۾ مهمان بڻي، جتي هن شوبز انڊسٽري جي مڪروهه چهري تان پردو کنيو، سندس موجب مان سڀ ڪجهه ڏٺو آهي ۽ ڄاڻان ٿي ته بند دروازن پويان ڇا ٿيندو آهي.
هن ٻڌايو ته ڪيئن بااثر ماڻهو عام طور تي مرد، ڪم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند نوجوانن کان ناجائز مطالبا ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته انڊسٽري ۾ اڳواٽ سڃاڻپ حاصل ڪرڻ باوجود مان به ڪيترن ئي موقعن تي اهڙين حالتن کي منهن ڏنو، هڪ ڀيري مون کي پروگرام جي ميزباني جي آڇ ٿي ۽ مون مان ”خاص ڊنر“ جي به اميد ڪئي وئي، مان واضح طور تي اها آڇ ٿڏي ڇڏي ۽ ڪم تي نه ويس.
ناديا چيو ته مان پنهنجي حدن ۾ واضح رهي آهيان پر شوبز ۾ ڪم ڪرڻ جا خواهشمند ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ناجائز خواهشون پوريون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
هن انڪشاف ڪيو ته مان اهڙين ڪيترين ئي عورتن کي سڃاڻان ٿي، جن اهڙا ڪم ڪيا پر مان انهن کي ڪجهه ناهيان چوندي، اهو انهن جو پنهنجو فيصلو هو ۽ ماڻهن جي عملن جو منهنجي زندگي سان ڪو واسطو ناهي.
You might also like