منسڪ (ويب ڊيسڪ) بيلاروس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو ويجهو دوست اليگزينڊر لوڪاشينڪو صدر چونڊجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي آزادي کانپوءِ اليگزينڊر لوڪاشينڪو بيلاروس جو پهريون صدر 1994 ۾ بڻيو هو، هو گذريل 30 سالن کان صدارتي چونڊن ۾ فتح حاصل ڪندو پيو اچي.
مسلسل ستون ڀيرو صدر چونڊجندڙ اليگزينڊر لوڪاشينڪو هن ڀيري به وڏي اڪثريت سان فتح حاصل ڪئي آهي، سندس مقابلي ۾ 4 اميدوارن مان ڪو 5 سيڪڙو ووٽ به حاصل نه ڪري سگهيو، جڏهن ته اليگزينڊر کي 87 سيڪڙو ووٽ مليا.
You might also like