شادي کانپوءِ نيلم منير جو پنهنجي مستقبل بابت وڏو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل اداڪارا نيلم منير شادي کانپوءِ ٻيهر انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
نيلم منير انسٽاگرام تي پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪري شادي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ ٻڌايو ته هوءَ اڳ جيان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هن لکيو ته مان شاندار وقت گذاري هاڻ واپس اچي وئي آهيان ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ نئين سوچ سان پرجوش آهيان.
سندس چوڻ هو ته مون کي اداڪاري جي ڪري ئي ايڏي محبت ملي آهي ۽ ٻيهر ڪم ڪري ان کي وڌائڻ چاهيان ٿي.
واضح رهي ته نيلم منير پاڪستان ڄائي محمد راشد سان دبئي ۾ پرڻو ڪيو آهي، سندس مڙس دبئي پوليس جي ڪرائم انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.