راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي جي درخواست رد ڪئي وئي.
عمران خان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ آزادي لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي راولپنڊي جي اي ٽي سي جج امجد علي شاهه ٻڌڻي ڪئي.
درخواست خلاف پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ۽ چيو ته ڪيس جو ٽرائل جاري آهي، جنهن ۾ 12 شاهدن جون شاهديون رڪارڊ ٿي چڪيون آهن، هن وقت آزادي جي درخواست مناسب ناهي، پراسيڪيوشن کي شاهديون رڪارڊ ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
پوءِ جج پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
You might also like