پٽ کي قتل جي ڌمڪي ملڻ تي پريشاني، بالي ووڊ ادڪار جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار راجپال يادو جو پيءُ ديهانت ڪري ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، راجپال يادو کي ڪجهه ڏينهن اڳ اي ميل ذريعي موتمار ڌمڪي ملي هئي ۽ پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته اها ڌمڪي ٻاهرين ملڪ کان ڏني وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پٽ کي موتمار ڌمڪي ملڻ کانپوءِ راجپال يادو جو پيءُ بيمار ٿي پيو ۽ هو نئين دهلي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
رپورٽ موجب، پيءُ جي لاڏاڻي وقت اداڪار پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ لاءِ ٿائيلينڊ ۾ موجود هو.
راجپال يادو ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته ”مان سائبر ڪرائم ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس ٻنهي کي آگاھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کانپوءِ مان ڪنهن سان به رابطو ناهي ڪيو.“
پنهنجي بيان ۾ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ” ان واقعي بابت ڳالهائڻ منهنجو ڪم ناهي ڇو ته مان ان بابت ڪجهه نٿو ڄاڻان.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.