سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل توهينِ عدالت جو نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل نذرعباس توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيو.
ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذرعباس توهين عدالت جي ڪارروائي تي منع نامو جاري ڪرڻ جي اپيل به ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذرعباس جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي 6 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي.
جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهيءَ ۾ بينچ جوڙي وئي، جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس اطهر من الله، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس مسرت هلالي به شامل آهن.
سپريم ڪورٽ نذر عباس جي انٽرا ڪورٽ اپيل 27 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، ڇهه رڪني لارجر بينچ 27 جنوري تي هڪ وڳي ٻڌڻي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.