آءِ سي سي مينز ون ڊي ٽيم آف دي ايئر جو اعلان، 3 پاڪستاني به شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان مينز ون ڊي ٽيم آف دي ايئر 2024ع جو اعلان ڪيو ويو آهي.
هن ٽيم ۾ پاڪستان جا 3، سريلنڪا جا 4، افغانستان جا 3 ۽ ويسٽ انڊيز جو هڪ ڪرڪيٽر شامل آهي.
پاڪستان طرفان صائم ايوب، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.
ان کانسواءِ افغانستان جي عظمت الله عمرزئي، رحمان الله گرباز ۽ اي ايم غضنفر کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
سريلنڪا طرفان پٿم نسانڪا، ڪوشال مينڊس، چراٿ اسالنڪا ۽ ونندو هسارنگا ٽيم جو حصو بڻيا آهن، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي شرفين ردرفورڊ کي به ٽيم آف دي ايئر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
چراٿ اسالنڪا کي ون ڊي ٽيم آف دي ايئر جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوشال مينڊس کي وڪيٽ ڪيپر جي حيثيت ۾ رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.