بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي زال طرفان طلاق جي درخواست واپس نه وٺڻ تي مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، هي واقعو بئنگلورو ۾ پيش آيو، جتي مڙس پنهنجي زال کي طلاق جي درخواست واپس وٺڻ لاءِ راضي نه ڪري سگهيو ۽ پنهنجي زال جي گهر اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب، فوت ٿيل شخص جو نالو منجو ناٿ هو، جيڪو ڪنيگال شهر جو رهواسي هو، سندس عمر 39 سال هئي ۽ هو هڪ ٽيڪسي جو مالڪ هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته 2013 ۾ هن شادي ڪئي ۽ ان کانپوءِ بنگلورو ۾ هڪ فليٽ ۾ رهڻ لڳو. جوڙي کي هڪ 9 سالن جو پٽ به آهي.
جوڙي جي وچ ۾ اختلافن سبب، منجوناٿ گذريل ٻن سالن کان پنهنجي زال کان الڳ رهندو هو. جوڙي عدالت ۾ طلاق جي درخواست داخل ڪئي هئي.
پوليس موجب، منجوناٿ پنهنجي زال جي گهر ويو ۽ کيس طلاق جي درخواست واپس وٺڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس گهرواري انڪار ڪري ڇڏيو.
رپورٽن موجب، جڏهن منجوناٿ ڏٺو ته سندس زال درخواست واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ته هن پيٽرول جو ڪين کڻي پنهنجي زال جي گهر جي آڳنڌ ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿيو ۽ پوءِ فوت ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، منجوناٿ جي والدين سندس زال کي پنهنجي پٽ جي موت جو ذميوار قرار ڏنو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي هر رخ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
You might also like