سنڌ سرڪار جو سزا يافته قيدين جي ٻارن کي تعليم يافته بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار سزا يافته قيدين جي اولاد کي تعليم مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي فيصلو ڪري ورتو.
جاري ڪيل پڌرائي موجب،تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ جيل کاتي واري وزير علي حسن زرداري جي گڏيل صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ عباس بلوچ، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن آصف اڪرام، آءِ جي جيل قاضي نظير احمد، گهرو کاتي، نان فارمل ايجوڪيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشن، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ اسٽويٽا جي نمائندن سميت سماجي تنظيم پيغام پاڪستان جي آرگنائزر پروفيسر ميراج صديقي ۽ ٻين لاڳايل ڌرين شرڪت ڪئي.
پڌرائي موجب، اجلاس ۾ قيدين جي ٻارن کي تعليم جي حاصلات ۾ مدد ڪرڻ بابت تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي سماجي تنظيم پيغام پاڪستان طرفان سزا يافته قيدين جي ٻارن کي تعليم ۾ مدد جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون.
اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار علي شاهه چيو ته ڪنهن هڪ انسان جي غلطي جي سزا سڄي ڪٽنب کي نه ملڻ گهرجي، رياست جي ذميواري قانون تي عملدرآمد سان گڏ ٻارن کي تعليم ڏيڻ به آهي.
سردار علي شاهه چيو ته سزا يافته قيدين جي ٻارن کي اسڪول کان يونيورسٽيز تائين تعليم، نان فارمل ايجوڪيشن ۽ ٽڪينيڪي تعليم ڏيڻ جي حوالي سان هي دنيا جو پهريون ماڊل هوندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هي ماڊل پاڪستان جي ٻين صوبن جي جيلن لاءِ به هڪ رستو طئي ڪندو، اسان سزا يافته قيدين جي ٻارن کي تعليم يافته ۽ محب وطن پاڪستاني بڻائڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.