لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر بابر اعظم خلاف مبينا زيادتي جي ڪيس ۾ عدالت عورت کي طلب ڪري ورتو.
بابر اعظم تي مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي عدالتي حڪم خلاف جسٽس اسجد جاويد گهرال درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عورت کي طلب ڪندي جاچ آفيسر کي عورت جو بيان به لکي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جسٽس اسجد جاويد گهرال ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن فريادڻ عورت ڪيس کي اڳتي نٿي وڌائڻ چاهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي.
واضح رهي ته عورت درخواستگذار اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم تي ريپ، هراسان ڪرڻ، بليڪ ميلنگ ۽ پيسا اوڳاڙڻ جو به الزام هنيو آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽر جو موقف آهي ته الزام بي بنياد آهن ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
بابر اعظم جو موقف آهي ته عدالت ايڊيشنل سيشن جج جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.
You might also like