سام سنگ ڪمپني پنهنجي ايس سيريز جي جديد ترين موبائل فون رليز ڪري ڇڏي.
سام سنگ ايس 25 الٽرا سلم کي يورپ، ايشيا ۽ پيسيفڪ جي ڪجهه ملڪن ۾ مرحلي وار وڪرو ڪيو ويندو، جڏهن ته اها فون ڪينيڊا ۽ آمريڪا لاءِ دستياب نه هوندي.
سيريز جي سڀ کان اهم فون 6.9 انچ جي وڏي اسڪرين سان سنيپ ڊريگن 8 ايليٽ پروسيسر سان ليس آهي، اهڙي ريت فون ۾ ڊائنيمڪ ايل ٽي پي ۽ ايمولڊ ٽو ايڪس جو ڊسپلي ڏنو ويو آهي.
سام سنگ ايس 25 الٽرا جي ڪيمرا 200 ميگا پڪسل هوندي، جڏهن ته ان ۾ 10 ميگا پڪسل ۽ 50-50 ميگا پڪسل جون بيڪ ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.
ان جي سيلفي ڪيمرا 12 ميگا پڪسل ۽ 5 هزار ايم اي ايڇ جي بيٽري هوندي.
رهي ڳالهه قيمت جي ته اها فون 1299 ڊالرن جي آهي.
You might also like