اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي جو ڳالهين ۾ هڪ ئي هدف هو ته عمران خان کي جيل ۾ رکيو وڃي.
عمران خان طرفان حڪومت سان جاري ڳالهيون ختم ڪرڻ جي اعلان تي ردعمل ڏيندي فيصل واوڊا چيو ته مان اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ڳالهيون ختم ٿي وينديون، اهي حڪومت کي ائين ئي هلڻ ڏيندا، جيئن پهرئين ڏينهن کان هلڻ ڏنو، پي ٽي آءِ وارا عمران خان جي جيل ۾ هجڻ تي خوش آهن.
هن چيو حڪومت چاهي ٿي ته عمران خان جيل ۾ رهي ۽ پي ٽي آءِ به اهو ئي ٿي چاهي، فرنٽ لائن ۾ موجود پي ٽي آءِ جا ماڻهو اقتدار جا مزا لٽيندي نظر اچي رهيا آهن، پي ٽي آءِ ۾ ڪير آهي جنهن سختيون برداشت ڪيون، اهي ته سمجهوتي تحت سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، سڀني ترميمن ۾ حڪومت سان گڏ رهيا، سمجهوتن تحت ٻار گيلري ۾ ويا، ڊرامو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۾ اڌ کان وڌيڪ انهن جي ليڊرشپ موجود آهي، ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي، نه احتجاج ٿيندو نه ڌرڻو لڳندو، اهي ملڪ کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪجهه خط لکندا، جڏهن ٽرمپ جو شوشو ختم ٿي ويندو ته ڳالهيون ڪندا، حڪومت هلندي رهندي ۽ هي ان جا ضمانتي رهندا، پي ٽي آءِ ن ليگ سرڪار جي ضمانتي آهي.
پي ٽي آءِ ن ليگ سرڪار جي ضمانتي آهي، رڳو ڊرامو پيا ڪن، باني جي جيل ۾ هجڻ تي خوش آهن: فيصل واوڊا
Prev Post
You might also like