راجوءَ جو پوري پلٽون ساڻ ” هيرا ڦيري“ ڪرڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) مشهور بالي ووڊ فلم هيرا ڦيري جي سيڪوئل جو اعلان ته گذريل سال ٿيو هو پر شوٽنگ جي ڪا تاريخ سامهون نه آئي هئي.
راجو، شام ۽ بابو ڀيا جا مداح پنهنجي پسنديده ڪردارن کي ڏسڻ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.
هاڻي اڪشي ڪمار تصديق ڪئي آهي ته مشهور فلم سيريز ” هيرا ڦيري “ جو ٽئين حصي جي شوٽنگ 2025ع جي آخر ۾ شروع ٿيندي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اڪشي ڪمار چيو ته ” مان به هيرا ڦيري ٿري جي شوٽنگ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن سڀ حڪمت عملي تحت ٿيو ته سال جي آخر تائين فلم جي شوٽنگ شروع ڪئي ويندي.
اڪشي ماضيءَ کي ساريندي چيو ته ”جڏهن هيرا ڦيري سيريز جي پهرين فلم ٺاهي وئي هئي تڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو ته اِها ڪلٽ ڪلاسيڪ بڻجي ويندي.“
هن چيو ته ” اِها هڪ مزاحيه فلم هئي، پر اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ماڻهو اڄ به فلم جي جي ڪردارن کي ساراهيندا.“
اڪشي ڪمار وڌيڪ چيو ته هن ڀيري به فلم جي مُک ڪردار ۾ هو، سنيل شيٽي ۽ پاريش راول موجود هوندا ۽ فلم اتان شروع ٿيندي جتان ” ڦر هيرا ڦيري “ختم ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.