ڪراچي جي سڀني سرڪاري ڪاليجن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن سبب ڪراچي جي سڀني سرڪاري ڪاليجن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪاليج ايجوڪيشن کاتي خط ۾ چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن ۽ چوري جي وڌندڙ واردتن کي ڏسندي سڀني ڪاليجن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وينديون.
ڪاليج ايجوڪيشن کاتي موجب اهو ضروري آهي ته اسان سرڪاري اثاثن، شاگردن ۽ عملي جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻون، سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان هڪ مضبوط سيڪيورٽي فريم ورڪ ۽ سهولت فراهم ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.