سنڌ حڪومت طرفان ”ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري“ شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ سياحت ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ ايسوسيئيشن آف ڪراچي ٽوئر آپريٽرز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي سان واسطو رکندڙ ٽورز آپريٽرز شرڪت ڪئي.
صوبائي وزير چيو ته فيبروري جي ٻئي هفتي ۾ ڪراچي کان کوکرا پار تائين ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري جي شروعات ٿيندي، ان ڊيزرٽ ٽرين جا مسافر ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ڇور ۽ کوکرا پار تائين سنڌ جا ثقافتي رنگ ۽ سياحتي ماڳ ڏسندا.
هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ جلد جيپ ريلي منعقد ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڏينهن جو لاهوتي فيسٽيول 15 فيبروري کان شروع ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.