گهر وڃي پنهنجي ڌيءَ جو لاش کڻ: ناٺي جو سهري کي فون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ظالم مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري سهري کي فون ڪري چيو ته گهر ۾ تنهنجي ڌيءَ جو لاش پيو آهي، وڃي کڻ.
بلديا سيڪٽر 12 اي ۾ ظالم مڙس تشدد ڪري پنهنجي گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.
جوابدار فرار ٿيڻ کانپوءِ سهري کي فون ڪري چيو ته مان تنهن جي ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، گهران وڃي لاش کڻ.
پوليس موجب مقتولا جي سڃاڻپ 22 ورهين جي صبا طور ٿي، هن ڪجهه سال اڳ عرفان سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي.
پوليس ٻڌايو ته عرفان جو اباڻو علائقو صادق آباد هو، هو نشي جو عادي هو ۽ اڳ به گهرواري سان جهيڙو ڪندو هو، جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.