اسماعيل ڏاھري اغوا ڪيس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش

نوابشاھه ( ڊ ر )جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو نوابشاھه جي عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري مٿان داخل ڪيل عظيم  ڏاھري جي اغوا  ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ اسمائيل ڏاھري جو لاڙڪاڻو جيل مان  وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪيو ويو، انھيءَ سلسلي اسماعيل ڏاھري جي وڪيل مختيار رند ڳالھائيندي چيو ته اڄ اسماعيل ڏاھري جي ڪيس جي ٻڌڻي تي وڊيو لنڪ ذريعي اسماعيل ڏاھري جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو ، جتي اسان سان ۽ سندس ڀينرن سان ملاقات ۽ ڳالھ ٻولھه ٿي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسماعيل ڏاھري جي ڀيڻ حميده ڏاهري ۽ فريده ڏاھري نواب شاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته اسماعيل ڏاھري کي گم ڪيو ويو آهي ۽ کيس قتل ڪيو ويندو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.