سکر (رپورٽر) روهڙي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان وڌيڪ هڪ نوجوان قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ڪجھه ڏينھن اڳ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل جاگيراڻي برادريءَ جي نيڪ مرد هادي بخش جاگيراڻي جي فرزند محمد علي جاگيراڻي جي قتل جي پلاند ۾ هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ جاگيراڻي برادريءَ جي خورماڻي پاڙي جو نوجوان مُنور جاگيراڻي قتل ۽ عُزير جاگيراڻي زخمي ٿي پيو، ياد رهي ته پنج مهينا اڳ جاگيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي چوري تان جهيڙو ٿيو جيڪو خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو آهي، هيل تائين 8 ڄڻا قتل ۽ ٻين عورتن سميت 19 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن، نوجوان جي قتل کانپوءِ ڌريون مورچابند ٿي ويون، وقفي وقفي سان هڪٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.