اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمن ٽن موتمار راندين کي غير شرعي قرار ڏيندي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هوائي فائرنگ، پتنگ بازي، ۽ ون ويلنگ شامل آهن.
فتويٰ موجب، هر اهو عمل جيڪو زندگي کي خطري ۾ وجهي، اسلام ۾ غير شرعي آهي، اسلام انساني جان جي حفاظت کي اهميت ڏيندو آهي ۽ اهڙيون سرگرميون انساني زندگين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
عالمن چيو ته هوائي فائرنگ، پتنگ بازي، ۽ ون ويلنگ جهڙيون موتمار رانديون نه رڳو غير اخلاقي آهن، پر خودڪشي جي برابر آهن ۽ اهڙا عمل اسلام ۾ سختي سان منع ٿيل آهن.
You might also like