سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن بسما چانڊيو جي اغوا جو نوٽيس ورتو، جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل نياڻي بسما چانڊيو معاملي جو سنڌ حڪومت جي کاتي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن نوٽيس وٺي ڇڏيو.
سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرپرسن واقعي تي سوموٽو ورتو، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي چيو ويو آهي ته سيڪش 4 تحت سنڌ پروٽيڪش آف هيومن رائيٽس ايڪٽ 2011 موجب توهان کي هدايت جاري ڪجي ٿي ته معاملي جي شفاف جاچ سميت رپورٽ پڻ جمع ڪرائي وڃي، جاچ بهتر آفيسر کان ڪرائي وڃي.
ياد رهي ته ڪجھه عرصو اڳ مبينا طور ناري ڪومل چانڊيو پاران رشتي کان انڪار تي ماما سندس ڀيڻ بسما کي عيوضي طور اغوا ڪري ويا هيا.
بسما چانڊيو جي اغوا خلاف سنڌ سهائي آرگنائزيشن اڳواڻ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، عورتن جي حقن جي اڳواڻ شانل کوسو توڙي وومين لائيرز الائنس جي اڳواڻ ربينا چانڊيو، شازيه نظاماڻي جي جدوجهد سان معاملو وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي وزير تائين پهتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.