ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا پنهنجي نئين فلم ” ڀوت بنگلا“ جي ڪاسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي هڪ تڪرار جي ور چڙهي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ رپورٽ ۾ ساڻس منسوب هڪ بيان وائرل ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ اداڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڪوڙي بيان کانپوءِ اداڪارا طرفان نه رڳو وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو، پر هن ميڊيا جي بي بنياد خبرن تي سخت ردعمل ڏيندي معافي جو مطالبو پڻ ڪيو.
تبو ۽ سندس ٽيم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ” مختلف ويب سائيٽن ۽ سوشل ميڊيا هينڊلز تي تبوءَ سان منسوب اهڙو بيان وائرل ڪيو ويو جيڪو هن ڏنو ئي ناهي.“
بيان موجب” اِها اخلاقي طور سنگين غلطي ۽ صحافي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، اداڪارا مطالبو ڪيو ته سندس نالي سان منسوب بيان هلائيندڙ ويب سائيٽن ترت جعلي بيان هٽائين ۽ باظابطا معافي نامو جاري ڪن.“