لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ڏهين جماعت جي نصاب ۾ ڪلثوم ۽ مريم نواز جون تصويرون شامل ڪيون ويون.
تعليم کاتي جي ترجمان ڏهين جماعت جي نصاب ۾ مريم نواز ۽ ڪلثوم نواز جون تصويرون شامل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
نصاب ۾ مريم نواز کي پنجاب جي پهرين عورت وزيراعليٰ طور تسليم ڪيو ويو آهي، بااثر عورتن جي ڪاميابين ۾ مريم نواز باب 8، صفحي 163 تي پاڪستان جي مطالعي جي ڪتاب ۾ موجود آهي.
ترجمان کاتي جي ترجمان چيو ته فاطمه جناح، نصرت ڀٽو، فهميده مرزا جيان مريم نواز، ڪلثوم نواز جا نالا ۽ تصويرون ڇاپيون ويون آهن.
نظرثاني ٿيل ڪتاب في الحال ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته ان جو آن لائن ورزن موجود آهي.
Prev Post
You might also like