موت جي منهن مان بچي نڪتل سيف علي خان جي ملڪيت تي حڪومتي قبضي جو امڪان

ڀوپال (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو ننڍو نواب سيف علي خان هڪ ٻي مشڪل ۾ ڦاسي پيو آهي، سندس خانداني ملڪيت تي حڪومت جي قبضي جو امڪان آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي رياست مڌيه رياست جي هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پٽودي خاندان جي تاريخي ملڪيتن تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي، پٽودي خاندان جي ماليت اٽڪل 15 هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، عدالتي فيصلي کانپوءِ ان ڳالهه جو امڪان وڌي ويو آهي ته سيف جو خاندان 1968 جي اينمي پراپرٽي ايڪٽ تحت پنهنجي ملڪيت کان محروم ٿي سگهي ٿو.
رپورٽس موجب، پٽودي خاندان جي ملڪيتن ۾ فليگ اسٽاف هائوس پڻ شامل آهي جتي سيف علي خان پنهنجي ننڍپڻ گذاريو، ان کانسواءِ نور الصباح پئلس، دارالسلام، احمد پئلس ۽ ٻيون جائيدادون شامل آهن.
ميڊيا رپورٽس هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران لاڳاپيل ڌرين کي 30 ڏينهن اندر نمائندگي داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اينمي پراپرٽي ايڪٽ ڇا آهي؟
اينمي پراپرٽي ايڪٽ مرڪزي حڪومت کي اهڙن ماڻهن جي ملڪيت جي دعويٰ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو جيڪي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان لڏي ويا هئا.
خانداني پس منظر
ڀوپال جي آخري نواب حميد الله خان جنهن جون ٽي نياڻيون هيون، نواب حميد الله خان جي سڀ کان وڏي ڌيءُ عابده سلطان 1950ع ۾ پاڪستان لڏي آئي هئي، ٻي ڌيءُ ساجده سلطان ڀارت ۾ ئي رهي.
ساجده سلطان نواب افتخار خان پٽودي سان شادي ڪئي ۽ اتي ڇڏيل ملڪيتن جي قانوني وارث بڻي ۽ ائين ساجده سلطان جي پوٽي بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان کي اِها جائيداد خانداني وارثت ۾ ملي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڪهاڻي نئون رخ تڏهن آيو جڏهن حڪومت عابده سلطان جي لڏپلاڻ تي پنهنجو ڪيس ٺاهيو جنهن کانپوءِ حڪومت ان ملڪيت کي ” اينمي پراپرٽي “ قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.