اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جسٽس (ر) فقير محمد کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي جاءِ تي جسٽس (ر) فقير محمد کوکر کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته حڪومت قانون سازي ذريعي گم ٿيل ماڻهن بابت ٽربيونل ٺاهڻ چاهي ٿي ۽ قانون سازي لاءِ ڪابينا ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.
ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل چيو قانون ته اڳ کان موجود آهي، ڪيس کي گم ڪرڻ ڏوهه آهي، ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ٽرائل ڪيو، ڏوهه ناهي ڪيو ته ڇڏي ڏيو.
You might also like