عام طور تي معمولي نظر ايندڙ انساني جسم تي جيڪڏهن غور ڪجي ته حقيقت ۾ جسم ئي هڪ وڏي ڪائنات آهي. جسم جي مڪمل ڪم ڪار، بناوت، عضون، رڳن، رت جي نظام، معدي ۽ ٽنگهن جي نظام بابت ڏهه ماڻهو ويهي لڳاتار تفصيل ٻڌائين تڏهن به انهن کي ورهين لڳي ويندا پر انسان جي جسم بابت مڪمل طور تي ڪير به سڀ ڪجهه نٿو ٻڌائي، قدرتي طور تي جسم ۾ ايترا راز رکيل آهن.
ڀلا اهو ڪنهن ڪڏهن سوچو آهي ته انسان جو جسم سڄو آهي ته هڪ جهڙو ئي نه؟ مطلب چمڙي به ساڳي، هڏا، رات، رڳون وري سڄي جسم تي چڙهيل ماس ته گوشت ۽ چرٻي جي صورت ۾ هڪ جهڙو ئي آهي. ته پوءِ هر عضوو الڳ الڳ ڪم ڇو ۽ ڪيئن ڪندو آهي؟ ڪو به عضوو ٻئي عضوي جيان ڪم ڇو نٿو ڪري سگهي؟
اها انتهائي حيران ڪندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن تي وضاحت ڏيندي وڏو وقت گهربل آهي پر اڄ اسان اوهانکي اهو ٻڌائڻ وارا آهيون ته انسان جو جسم توڙي دل سميت سڀ عضوا بجليءَ تي ڪيئن هلندا آهن، جسم کي تقريبن هر روز گهڻي بجلي گهرجي، جسم بجلي ڪاڏهون آڻيندو آهي وغيره.
ان سان گڏ اهو به ٻڌائيندا هلون ته اسان قدرتي ۽ انسان جي لاءِ فائديمند بجلي تي هن خبر جي سيريز اپلوڊ ڪنداسين جي قسط وار پنهنجي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪئي ويندي، اسان جي حوصلا افزائي لاءِ رڳو اوهانجي هاڪاري موٽ جي ضرورت آهي.
شايد اوهانکي خبر نه هجي پر انسان جسم حيرت انگيز طريقي سان بجليءَ تي ڪم ڪندو آهي، اسان جا سيل، رت، دل، نروز ۽ ٻيا سڀ جو سڀ عضوا پاڻ ۾ رابطو رکندا آهن ۽ جنهن به عضوي کي جنهن ڪم لاءِ مخصوص بڻايو ويو آهي. هر عضوي کي پنهنجو مخصوص ڪم ڪرڻ ۽ ٻين عضون سان رابطو رکڻ لاءِ بجلي مطلب ته برقي سگنلز جي ضرورت هوندي آهي.
رت ۽ بجلي
رت ۾ موجود اليڪٽرولائيٽس (سوڊيم، پوٽاشيم، ڪيلشيم) هاڪاري ۽ ناڪاري چارجز جي مٽاسٽا جي ذريعي بجلي پيدا ڪندا آهن ۽ اها ئي بجلي دل کي ڌڙڪڻ لاءِ سگنل ڏيندي آهي، مطلب ته انسان جي دل بجليءَ تي هلي ٿي.
نروز ۽ عضوا
نروز جا سگنل به برقي هلچل جي ذريعي ئي دماغ کان جسم تائين ايندا وري واپس ويندا آهن.
هر عضوا برقي توانائي جي ڪري ئي ڪم ڪري ٿو، مثال هٿ ڪا شيءِ کڻندا ته ان لاءِ به انهن کي نروز سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو بجلي جي مدد سان ٿئي ٿو.
سيل ۽ هڏا
انسان جو جسم خلين مان ٺهيل آهي، اهي خليا برقي توانائي کي توانائيءَ ۾ مٽائي جسم کي هلائڻ جو ڪم ڪندا آهن.
هڏن ۾ موجود ڪيلشيم ۽ ٻيا معدنيات جسم جي برقي توازن کي برقرار رکندا آهن.
جسم کي گهربل بجلي
انساني جسم جيڪو به ڪم ڪار ڪري ٿو، عضوا جنهن به ريت ڪم ڪن ٿا انهن جو دارومدار اليڪٽرولائٽس ۽ برقي سگنلز تي هوندو هي ۽ وري انهن لاءِ به توانائيءَ جي ضرورت هجي ٿي.
انڪري جسم کي متواز رکڻ لاءِ 50-100 ملي وولٽ برقي سگنلز هر وقت گهربل هوندا آهن.جيڪڏهن اهي پنجاهه کان سئو ملي وولٽ سگنلز هر وقت جسم کي نه ملندا ته جسم جو ڪم ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو.
توهان ڄاڻي ڇڏيو هوندو ته جسم کي ڪهڙي ڪهڙي جاءِ تي ۽ ڪيتري بجلي گهربل هوندي آهي، پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته اها بجلي جسم آڻي ڪاڏهون؟
جسم کي جن سگنلز يا بجلي جي ضرورت هوندي آهي اهي بجلي وارا سگنلز کاڌي، پاڻي ۽ قدرتي برقي نظام مان حاصل ڪيا ويندا آهن.
جسم جي قدرتي بجلي ماڻڻ لاءِ اوهان کي تازا ميوا، ڀاڄيون، خاص ڪري ڪيلا، نارنگيون ۽ ٻيون شيون واپرائڻ گهرجن، هر خوراڪ ۾ مختلف انداز ۾ بجلي هوندي آهي.
پاڻي جا ماليڪيولز به بجلي پيدا ڪندا آهن انڪري پاڻي جو ججهو مقدار به جسم کي وڏي مقدار ۾ بجلي پيدا ڪندو ۽ طاقتور رکندو آهي.
ان سان گڏ قدرتي بجلي ماڻڻ لاءِ ميداني علائقن مطلب ته زمين تي، ڇٻر تي، گاهه تي يا واري تي پيرين اگهاڙو هلڻ سان به بجلي ماڻي سگهجي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته پيرين اگهاڙو هلڻ صحت لاءِ انتهائي فائديمند هوندو آهي.
سيريز جي ٻي خبر پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.