زمين تي پيرين اگهاڙي ڇو گهمجي؟ صحت جا حيران ڪندڙ فائدا

سيريز جي ٻئي خبر

پيرين اگهاڙي گهمڻ سان جسم ۾ بجلي انڪري ايندي آهي جو زمين هڪ قدرتي برقي ميدان آهي، جيڪو هر وقت برقي توانائي مهيا ڪرڻ جو واحد ۽ بهترين ذريعو آهي.

زمين جي هڪ ميٽر ۾ لڳ ڀڳ 100-200 وولٽ برقي ميدان موجود هوندو آهي، مطلب ته زمين جي هڪ ميٽر واري ٽڪري ۾ هڪ سئو کان ٻه سئو وولٽ بجلي هوندي آهي جنهن جو وهڪرو مينهن پوڻ يا گهم ۽ آلاڻ جي ڪري وڌيڪ بهتر هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته زمين جي سطح تي گهمڻ سان بجلي جسم ۾ سولائيءَ سان ۽ بهترين نموني داخل ٿيندي آهي.

روز ويهه کان ٽيهه منٽ تائين پيرين اگهاڙي زمين تي گهمڻ جسم کي گهربل برقي توازن لاءِ ڪافي آهي، جسم کي جيڪا بجلي هر روز گهرجي انکي ماڻڻ لاءِ رڳو ويهه کان ٽيهه منٽ زمين، گاهه يا واريءَ تي پنڌ ڪرڻو پوي ٿو.

گاهه، ڇٻر، مٽي يا واري تي گهمڻ وڌيڪ فائديمند هوندو آهي جڏهن ته ڪنڪريٽ يا مٿانهين واري فرش تي گهمڻ ايترو اثرائتو ناهي هوندو.

زمين تي گهمڻ سان زمين جي بجلي يا کڻي چئجي اليڪٽرن جسم ۾ آزاد ريڊيڪلز کي ختم ڪري سوڄ ختم ڪندا آهن.

زمين مان جسم ۾ بجلي داخل ٿيڻ سان رت جا وهڪرا صحيح ٿيندا آهن ۽ دل جو ڌڙڪڻ به منظم رهندو آهي.

قدرتي برقي وهڪرن سان دماغ ۾ هاڪاري تبديليون اچن ٿيون جيڪي خوشي ۽ آرام پيدا ڪنديون آهن. انڪري زمين تي اگهاڙي پيرين گهمڻ نه رڳو صحتمند پر خوشي ۽ سڪون ڏيندڙ به هوندو آهي.

زمين ۾ موجود توانائي جيڪا پيرين اگهاڙي گهمڻ سان جسم ۾ داخل ٿيندي سا جسم جي مدافعتي قوت به وڌائيندي آهي جنهن سان بيمارين کان بچاءُ ممڪن بڻجي ٿو.

زمين سان سڌيءَ ريت رابطو رکڻ جسم ۾ ميلانونن ليول کي متوازن ڪري ٿو جنهن سان ننڊ بهتر ٿيندي آهي.

زمين تي گهمڻ سان اکين جي روشني بهتر ٿيندي آهي ۽ گڏيل صحت سميت جسم جا عضوا ۽ هڏا به مضبوط ۽ طاقتور  رهن ٿا.

سيريز جي پهرين خبر پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

انساني جسم ۽ هر عضوو بجلي تي ڪيئن هلي ٿو؟ مڪمل تفصيل

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.