ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد جو عيد تي نون ڪرنسي ڊيزائن وارن نوٽن بابت اهم بيان سامهون آيو آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نئين ڪرنسي ڊيزائن وارا نوٽ عيد تي دستياب نه هوندا، ڇاڪاڻ ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نوٽن جي ڇپائي ۽ اسٽاڪ ۾ وقت لڳندو.
اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته نون ڪرنسي نوٽن جا ڊيزائن ڪابينا وٽ موجود آهن ۽ منظوري ملڻ کانپوءِ انهن جي ڇپائي وارو عمل شروع ڪيو ويندو.
هن چيو ته نون ڪرنسي نوٽن ۾ جديد ترين سيڪيورٽي فيچرز شامل هوندا ۽ عام شهري به سولائيءَ سان اصلي ۽ نقلي نوٽن ۾ فرق ڄاڻي سگهندا.
You might also like