عورتن خلاف ڏوهن جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا ۾ عورتن جو تحفظ هڪ اهم مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ اهي پنهنجي گهرن ۾ پڻ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿيون.
هتي انهن 10 ملڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي عورت مسافرن لاءِ غير محفوظ سمجهيا وڃن ٿا.
1: ڏکڻ آفريقا
ڏکڻ آفريقا عورتن مسافرن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ملڪ آهي.
2: برازيل
برازيل تفريح ۽ موڪلون گذارڻ لاءِ هڪ مقبول هنڌ ٿي سگھي ٿو پر اهو عورتن، خاص طور مسافر عورتن لاءِ دنيا جو ٻيو سڀ کان بدترين ملڪ آهي.
3: روس
روس انهن ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي، جتي عورتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي.
4: ميڪسيڪو
عورتن لاءِ غير محفوظ ملڪن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي ميڪسڪو آهي ۽ خاص طور مخصوص علائقن ۾ عورتن کي سفر ڪرڻ وقت احتياط ڪرڻ گهرجي.
5: ايران
ايران ان فهرست ۾ پنجين نمبر تي آهي، جتي صنفي امتياز موجود آهي، جيڪو ملڪ ۾ عورتن جي حقن ۽ تحفظ کي هڪ وڏو مسئلو بڻائي ٿو.
6: ڊومينيڪن ريپبلڪ
ڊيمينيڪن ريپبلڪ عورتن لاءِ خطرن جي لحاظ سان ڇهين نمبر تي آهي.
7: مصر
عورتن لاءِ ستون سڀ کان وڌيڪ غير محفوط ملڪ مصر آهي، اتي عورتون رات جو اڪيليون نڪرڻ کان لنوائينديون آهن.
8: مراڪش
ورلڊ پاپوليشن ريويو انڊيڪس موجب مراڪش ان فهرست ۾ اٺين نمبر تي آهي.
9: ڀارت
فهرست ۾ نائون نمبر ڀارت جو آهي پر صنفي اڻ برابري جي انڊيڪس موجب ڀارت پهرئين نمبر تي آهي، جتي عورتن جي قتل ۽ لڄالٽ جا واقعا وڏي پيماني تي عام آهن.
10: ٿائلينڊ
ڏهين نمبر تي ٿائيلنڊ آهي پر اهو عورتن تي تشدد لاءِ ٻئي نمبر تي آهي، اتي تقريبن 44 سيڪڙو عورتون ڏوهه جو اطلاع ڏين ٿيون.
You might also like