ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان کي چاقو حملي ۾ زخمي ٿيڻ تي اسپتال پهچائيندڙ رڪشا ڊرائيور کي روڪ انعام ڏنو ويو آهي.
سورنهن جنوري جي رات اٽڪل ٽِين وڳي سيف علي خان جي ممبئي واري گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي اداڪار مزاحمت ڪري ناڪام بڻايو.
مزاحمت دوران سيف علي خان تي چاقوءَ جا وار ڪيا ويا جنهن جي نتيجي هو زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيڻ کانپوءِ اداڪار کي گهر جي گاڏي بدران رڪشي ۾ مقامي اسپتال پهچايو ويو.
سيف علي خان کي زخمي حالت ۾ سندس پٽ تيمور علي خان رڪشي واري جي مدد سان اسپتال پهچايو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سيف علي خان کي اسپتال پهچائيندڙ رڪشي ڊرائيور ڀجن سنگهه کي هڪ سماجي ڪارڪن طرفان 11هزار ڀارتي رپيا انعام طور ڏنا ويا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ممئي جي سوشل ورڪر فهيم انصاري ڀجن سنگهه رانا کي 11 هزار رپيا روڪ انعام ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انعام حاصل ڪرڻ کانپوءِ رڪشا ڊرائيور ٻڌايو ته ڏاڍو فخر محسوس ڪري رهيو آهيان، زندگيءَ ۾ ائين به ٿيندو ڪڏهن سوچيو نه هو، سيف جي مدد ڪرڻ تي خوش آهيان.
You might also like