ٽيسٽ رينڪنگ ۾ سعود شڪيل جي ترقي، بابر اعظم جا پويان پير

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ ۾ پاڪستان جو مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل ٽه درجا بهتري بعد اٺين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
آءِ سي سي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته سندس هم وطن هيري بروڪ ٻئي ۽ اڳوڻو ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽئين نمبر تي موجود آهي.
پاڪستان ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ چار درجا وڃائيندي 16هين ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ٻه درجا ترقي بعد 18 نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارتي بالر جسپريت بمرا پهرئين، آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪي اسپيڊ اسٽار ڪگِيسو ربادا ٽئين نمبر تي موجود آهي.
ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نعمان علي، ساجد خان ۽ ابرار احمد جي پوزيشن ۾ به بهتري آئي آهي.
اسپنر نعمان علي ٻه درجا ترقي ماڻيندي نائون، ساجد خان 18 هون ۽ ابرار احمد 52 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.