آءِ سي سي جي دٻ کانپوءِ بي سي سي آءِ جو يوٽرن، جرسي تي ” پاڪستان“ لکڻ جي تصديق

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بورڊ آف ڪرڪيٽ فار ڪنٽرول ان انڊيا ( بي سي سي آءِ ) چيمپيئنز ٽرافي جو آفيشل ” لوگو “ شرٽ تي لڳائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيمن جي جرسي تي آءِ سي سي طرفان منظور ٿيل ” لوگو“ تي پاڪستان جو نالو لکيل آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي بي سي سي آءِ سيڪريٽري ديواجيت سائيڪيا چيو آهي ته هو آءِ سي سي ظابطن کي فالوو ڪندا، چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي جرسي تي آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو آفيشل لوگو ئي استعمال ڪيو ويندو، ڀارتي ٽيم آءِ سي سي قانونن جي پاسداري ڪندي.
ان کان اڳ خبرون آيون هيون ته بي سي سي آءِ جي ڪوشش آهي ته پنهنجي ٽيم جي جرسي تي ميزبان ملڪ پاڪستان جو نالو شامل نه ڪري.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاران چيمپيئنز ٽرافي دوران پنهنجي ٽيم جي جرسي تي ”پاڪستان“ نه لکڻ جي ضد تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سخت موقف اختيار ڪيو هو.
آءِ سي سي، بي سي سي آءِ کي واضح ڪيو هو ته ڀارتي ٽيم قانوني طور تي پنهنجي ڪِٽ تي ”پاڪستان“ لکڻ جي پابند آهي، ڇو ته پاڪستان ٽورنامينٽ جو ميزبان آهي.
آءِ سي سي موجب، ٽورنامينٽ جو لوگو ۽ ميزبان ملڪ جو نالو جرسي تي شامل ڪرڻ هر ٽيم جي ذميواري آهي ۽ سڀني ٽيمن لاءِ ان اصول تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.
آءِ سي سي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم جي ڪِٽ تي ميزبان ملڪ پاڪستان جو نالو ۽ ٽورنامينٽ جو لوگو شامل نه ڪيو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
آءِ سي سي قانون
آءِ سي سي قانونن موجب، ٽيم جي جرسي تي ميزبان ملڪ جو نالو لازمي لکيل هئڻ گهرجي، جڏهن ته ميچ ڪٿي ٿي رهي آهي ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.