شهيد هيمون ڪالاڻي کي 81هين ورسي تي ڀيٽا پيش

ڪراچي اوڀر(ن ع آ) شھيد ھيمون ڪالاڻي ميموريل ڪاميٽي طرفان شھيد ھيمون ڪالاڻي جي 81 ھين ورسي تقريب پريس ڪلب ڊسٽرڪٽ ايسٽ ملھائي وئي ان موقعي شھيد ھيمون ڪالاڻي جي ورسي تقريب کي ميموريل ڪاميٽي جي چيئرمين اين ڊي مجروح ڪالاڻي چيو ته شھيد ھيمون ڪالاڻي ننڍي کنڊ جو اھو سورھيه پٽ ھيو جنھن تي ھر ماڻھو فخر ڪري ٿو ھيمون ڪالاڻي اڄ به نوجوانن لاءِ اتساھ جو ذريعو آھي ھيمڳن ڪالاڻي انگزيز سامراج جي ظلم زيادتين خلاف جنگ وڙھيو جنھن جي قربانين کي ھميش ياد رکيو ويندو.ان موقعي تي ميموريل ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري قادر اعظم،انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو،ترڪ اسلحه تحريڪ جي باني گل محمد منگي،نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان ميمڻ،شاھينه رمضان، نعيم شيخ،اسماعيل سومرو،لياقت عباسي، نادر عباس، فيض اقبال  ۽ ٻين چيو ته ھيمون ڪالاڻي جو سبق درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي آءِ بي اي سکر ۾ ھيمون ڪالاڻي چيئر قائم ڪئي وڃي ۽ ڪراچي ۾ ھڪ روڊ ھيمون ڪالاڻي جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي تقريب ۾ شريڪ شاعرن شھيد ھيمون ڪالاڻي کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.