ڇا منصوبا جِنن لاءِ ٺهيا؟ 8 آڪٽوبر جي زلزلي متاثرن جي بحالي لاءِ فنڊن جي آڊٽ رپورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ آڊيٽر جنرل کان 2005 جي زلزلي متاثرن جي بحالي ۽ فنڊن جي آڊٽ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ زلزلي متاثرن جي بحالي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران لاڳاپيل ڌريون عدالت ۾ پيش ٿيون.
ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته آڪٽوبر 2025 ۾ زلزلي کي 20 سال ٿي ويندا، ڇا زلزلي متاثرن جي بحالي جو 50 سالن جو منصوبو آهي؟
جسٽس محمد علي مظهر درخواستگذار کان سوال ڪيو ته زلزلي متاثرن لاءِ ڪيترا گهر ٺهيا؟ ڪيترن متاثرن کي ڪاروبار ۾ مدد ملي؟ درخواستگذار ٻڌايو ته حڪومت نيو بالا ڪوٽ شهر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، اڃا نيو بالا ڪوٽ سٽي بابت ڪجهه ناهي ٿيو.
ايرا نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته اسان 14 هزار کان وڌيڪ زلزلي متاثرن لاءِ منصوبا مڪمل ڪيا، ان تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اهي منصوبا ڪٿي آهن جيڪي مڪمل ٿيا؟ انسانن لاءِ منصوبا ٺاهيا ويا يا جنن لاءِ؟
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، ايرا کان زلزلي متاثرن جي بحالي ۽ آڊيٽر جنرل پاڪستان کان زلزلي متاثرن جي بحالي لاءِ فنڊن جي آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي.
پوءِ آئيني بينچ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.