نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ پيش آيل هڪ واقعي ماڻهن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪيرالا جي هڪ اسپتال ۾ ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا شخص کي آندو ويو، جنهن کي ڊاڪٽر مئل قرار ڏئي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو ته جيئن موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهي.
پر جيئن ئي پوسٽ مارٽم لاءِ معائنو ڪيو ويو ته مريض جي دل هلي رهي هئي ۽ سندس هٿ به چُرنديا.
مئل قرار ڏنل شخص جيئرو هجڻ تي اسپتال ۾ موجود عملو خوفزده ٿي ڀڄي ويو، پوءِ مريض کي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.
وارثن مريض جيئرو هجڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو، گڏوگڏ هنن ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو.
You might also like