پشاور (م ڊ) لوئر ڪرم ۾ واپاري قافلي تي فائرنگ ۽ اهلڪارن جي شهادت کانپوءِ فورسز بگن ۾ داخل ٿي ويون ۽ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. بگن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ۽ ايف سي قلعي کان شيلنگ به ڪئي وئي. پوليس ذريعن موجب پوليس جبلن تي دهشتگردن جي مورچن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. آپريشن دهشتگردن ۽ ڦرلٽ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن ڪرم ۾ ٽل پاراچنار مک شاهراهه 110هين ڏينهن به بند رهي جنهن سبب ضروري شيون نه ملڻ سبب ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. فورسز جي وڏي نفري لوئر ڪرم جي 4 وليج ڪائونسلن ۾ موجود آهي. ذريعن موجب لوئر ڪرم جا رهواسي آپريشن خلاف سراپا احتجاج آهن، سندن چوڻ هو ته هڪ طرفو فوجي آپريشن قبول ناهي. طوري بنگش قبيلي حڪومت کي چتاءُ ڏنو هو ته رستا نه کليا ۽ تحفظ يقيني نه بڻايو ويو ته معاهدي کان لاتعلقي ڪنداسين. ضلعي انتظاميا موجب بنڪر ڊاهڻ جو ڪم دير جو شڪار آهي، ٻنهي ڌرين طرفان 8 بنڪر ڊاٿا ويا آهن. رستن جي بندش سبب وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ انگ 157 ٿي ويو. ايم ايس ڊاڪٽر سيد مير حسن جان موجب 38 ٻار رڳو ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال پاراچنار ۾ فوت ٿيا.