”7 ڏينهن ۾ ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر موجب عمران خان چيو آهي ته 7 ڏينهن ۾ ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان بيرسٽر گوهر چيو ته عرفان صديقي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جو ترجمان آهي، ان لاءِ مناسب ناهي ته ڳالهين کي دير جو شڪار ڪري، اسان جي جيڪا ملاقات ٿي آهي اها امن امان جي صورتحال تي ٿي آهي ۽ ان ملاقات جو مسئلو نه کڙو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته اسان حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ چاهيون ٿا پر شرط اهو آهي ته جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن 7 ڏينهن ۾ ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي، اسان انتظار ڪري رهيا آهيون ته حڪومت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي ڪري، جيڪڏهن ڪميشن نه ٺهي ته ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.