لائيو اسٽاڪ لاءِ ورلڊ بينڪ کان 137 ملين ڊالر جو پراجيڪٽ آندو ويو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت هن پوري علائقي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ انتهائي بهترين ڪارڪردگي سان ڇهين نمبر تي آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزير اعليٰ سنڌ  سيد مراد علي شاهه جي ويزن تحت تازو ورلڊ بينڪ کان 137 ملين  جو پروجيڪٽ لائيو اسٽاڪ شعبي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي.  اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي کي ايتري وڏي ايڪسپو تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ٽن ڏينهن ۾ ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن چوپائي مال جي نمائش ڏٺي. ان موقعي تي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پراڻي خواهش هئي ته سنڌ ۾ هڪ گرانڊ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ٿئي، مون ٽئي ڏينهن هن ايڪسپو ۾ هڪ فارمر ھاري جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، پر بدقسمتي سان لائيو اسٽاڪ حڪومت جي ترجيحات ۾ ناهي رهيو، هڪ ملين کان وڌيڪ ماڻهو هن ايڪسپو ۾ آيا ۽ جانور ن ۽ پکين کي ڏٺو۔ هن وڌيڪ چيو ته 20 سال اڳ روف ٽاپ فارمنگ نه هئي، پر هاڻي ماڻهو هن طرف اچي رهيا آهن ۽ گهرن جي ڇتن تي هڪ ٻڪري پالي رھيا آھن. ڪمرشل ۽ انڊيجنيئس بريڊنگ ۾ ٻه طرفي پاليسي هجڻ گهرجي. ان موقعي تي لائيواسٽاڪ واري صوبائي وزير  محمد علي ملڪاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سائين سردار شاهه ۽ سائين ناصر شاهه جو شڪر گذار آهيان جو اهي آيا ۽ حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته ناصر شاهه صاحب کي  گذارش آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي کي ترجيحي فهرست ۾ مٿي آڻي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ۾ هن شعبي ۾ نئين منصوبن کي منظور ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.