بلوچ جنرلن کان وڌيڪ محب وطن آهن،اسٽيبلشمينٽ پاليسي تبديل ڪري:ڪراچي ۾ سيمينار

ڪراچي(رپورٽر) بلوچستان جي گم ٿيل شهرين کي ظاهر ڪري انهن جي گهر ڀاتين حوالي ڪري  بلوچ عوام جو احترام ڪيو وڃي، جنرلن کان وڌيڪ محب وطن بلوچ عوام آھي. بلوچستان جو ڪيس اسلام آباد سميت پوري دنيا ۾ وڙھنداسين. اها ڳالهه ڪالهه شام جو جماعت اسلامي سنڌ طرفان ڪراچي پريس ڪلب ڪلب ۾ ” بلوچستان جا ٻرندڙ مسئلا ۽ انهن جو حل "جي موضوع تي مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيوته لاپتا ماڻھن کي بازياب ڪرائي پنھنجي گھر ڀاتين حوالي ڪيو وڃي،بلوچ عوام بلوچستان سان گڏ پاڪستان جي به حفاظت ڪندو.بلوچ عوام کي پاڪستان کان پري نه ڪرڻ ڏبو، اھي فوجي جنرلن کان وڌيڪ پاڪستان سان محبت ڪندڙ آھن، هن چيو ته بلوچستان جو ڪيس  اسلام آباد ۾ به وڙھنداسين، ملڪ جي نقلي نه بلڪ حقيقي قيادت ذريعي ئي دھشتگردي سميت بلوچستان جا مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا. بلوچ عوام کي عزت ۽ احترام ڏنو وڃي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪرپشن ۾ سخت مقابلو آھي جنھن سسٽم کان سنڌ ۾ شڪايتون ھيون طاقتن انھي سسٽم کي ھتان کڻي اسلام آباد ۾ ويھاريو آهي هن وڌيڪ چيو ته سڀئي مظلوم ظالمن خلاف متحد ٿي وڃن ۽ بلوچستان جو مسئلو سياسي بنيادن تي حل ڪيو وڃي،هن چيو ته حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بلوچستان جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ گهرجي. بلوچستان جي عوام کي سندن حق ڏنا وڃن. طاقت جو استعمال بند ڪيو ماڻهن کي گرفتار ڪري غائب ڪرڻ جي آئين ۾ ڪا به شق نه آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا،حڪومت، عدليه ۽ فوج سڀ آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪن، جيڪڏهن اتي جا مسئلا حل ٿيا ته 3 مهينن ۾ بلوچستان جو عوام پنهنجو دفاع ڪندو صوبو ۽ ملڪ ترقي ڪندو.سيمينار کي جماعت اسلامي بلوچستان جي امير ايم پي اي ھدايت الرحمان بلوچ خطاب ڪندي چيو ته ڊڪٽيٽر حڪمرانن جي غير آئيني ۽ غير جمھوري رويي جي ڪري اڄ بلوچستان ٻري رھيو آھي. اسان جا ھڪ ڏينھن پنج ڀيرا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيا ويندا آھن اسان جي پاڪستاني ھجڻ تي شڪ ڪن ٿا. ايف سي وارن منھنجي گھر ۾ گھڙي ڪري منھنجي ماءُ کي گاريون ڏنيون پر مان پھاڙن تي وڃڻ بدران اسيمبلي ۾ جمھوري طريقي سان بدلو وٺندس. اسان پرامن ماڻھو آھيو پرامن جمھوري جدوجهد تي يقين رکون ٿا پر حڪمران ٻيو بنگلاديش بنائڻ جو ضد ڪري رهيا آھن،هن چيو ته  افغانستان ۾ طاقت شڪست کاڌي پر غيرت کٽي وئي. بلوچستان جي حقن ۽ دنگن لاءِ جماعت اسلامي ھر فورم تي آواز اٿاريندا رھنداسين. مولانا هدايت الرحمان چيو ته جنرل ايوب خان جي دور کان وٺي اڄ تائين بلوچستان ۾ ظلم ۽ جبر جو نظام آهي. بلوچستان جي ميڊيا به آزاد نه آهي جنهن سبب بلوچستان جا مسئلا ۽ گمنام موت جي خبر به ناهي. بلوچستان جي عوام بابت سڄي پاڪستان ۾ غلط تاثر پکڙجي ويو آهي،هن چيو ته  پاڪستان جي باني قائد اعظم کي بلوچستان جي عوام عزت ۽ احترام سان نوازيو. جنرل ايوب پنهنجي طاقت جي زور تي بلوچستان جي عوام کي ويڙهاڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته بلوچستان ۾ چند سردارن جو مسئلو آهي بلوچستان جون مائرون اسان کي پنهنجا ٻار ڏيارڻ لاءِ روئي رهيون آهن،ان موقعي تي تي سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري مجاھدچنا ، محمد ايوب منصور، بشير احمد مادائي، مسلم پرويز ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پڻ موجود ھئا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.