سڀ کان وڌيڪ آمراڻو دور جنرل ضيا جو هو: جسٽس اطهر من الله

لاهور (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو ته سڀ کان وڌيڪ آمراڻو جنرل ضياءَ جو دور هو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀٽو صاحب  کي جنرل ضياءَ جي دور ۾ هٽايو ويو، ان ۾ سپريم ڪورٽ کي به استعمال ڪيو ويو، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ پاڻ مڃيو. جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته لاهور جي شاهي قلعي ۾ سياسي ريلي ڪڍڻ تي ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنرل ضياءَ سريلنڪن حڪومت کي درخواست ڪئي ته سندس ڌيءَ کي هاٿي جو ٻچو گهرجي. هن چيو ته اها هڪ حڪومت کان ٻئي ملڪ جي حڪومت کي گذارش هئي، هاٿي به اسان انسانن وانگر ڏاڍا جذباتي هوندا آهن، 3 ورهين جو هاٿي جو ٻچو سري لنڪا مان پاڪستان آيو هو ۽ کيس بيڪ يارڊ ۾ رکيو ويو هو. جڏهن هاٿي جو ٻچو وڏو ٿيو ته اسلام آباد ۾ چڑیا گھر ٺاهي ان کي اتي ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي جج چيو ته جبري گمشدگين ۽ قيدين جي حقن بابت فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏنو هو، گهڻن بنيادي حقن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ملندا.

ڪيٽل شو دوران ڪيترائي شهري موٽرسائيڪلن کان محروم

ڪراچي(م ڊ) ايڪسپو سينٽر ۾ جاري ڪيٽو شو دوران پوليس جي ناقص سيڪيورٽي انتظامن جي ڪري 3 ڏهاڙن دوران درجن کان وڌيڪ شهري موٽر سائيڪلن کان محروم ٿي ويا. شهري جانور ڏسڻ ويا واپسي تي سندن گاڏيون گم هيون. ڪيٽل شو ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ  شهرين موٽر سائيڪل پارڪنگ ۾ پارڪ ڪيون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته  ڪيٽل شو ۾ ايندڙ شهرين جون موٽر سائيڪلون  ايڪسپو سينٽر کان ٻاهر پارڪنگ ۾ بيٺل هيون  جتان ڏوهارين سندن گاڏيون ڪاهي ويا. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 9 کان 10  شخص موٽرسائيڪل چوري جون شڪايتون  کڻي ٿاڻي پهتا. ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

عمران خان جي ڌمڪين سبب ڳالهين کي خطرو، پارٽي ۾ ڳڻتي

اسلام آباد: (انصار عباسي) ايڪس تي پنهنجي تازي پوسٽ ۾ عمران خان اعليٰ سطحي فوجي ڪمانڊ کي نشانو بڻايو آهي، جنهن سان پي ٽي آءِ ۽ حڪومت سميت اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ باضابطه ڳالهين ۽ پردي پٺيان ڳالهيون خطري ۾  پئجي ويون آهن. آرمي چيف ۽ پي ٽي آءِ قيادت وچ ۾ ملاقات دوران ان صلاح جي باوجود عمران خان  نه مڙيو ته ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ فوج ۽ ان جي ڪمانڊ کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. عمران خان جو 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا کان پوءِ جو پيغام جمعي تي سندس ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيو ويو. هن پنهنجي پيغام ۾ قوم کي اپيل ڪئي ته هو حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ پڙهن، پاڪستان ۾ 1971ع جي تاريخ ورجائي پئي وڃي، يحييٰ خان ملڪ کي تباهه ڪيو ۽ اڄ به آمر پنهنجي آمريت ۽ ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ائين ئي ڪري رهيو آهي. ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي رهيو آهي. هڪ سينيئر پي ٽي آءِ اڳواڻ نالو ظاهر نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. علي امين گنڊاپور جي ويجهي ذريعي انڪشاف ڪيو ته وزيراعليٰ عمران خان سان پنهنجي آخري ملاقات ۾ کيس درخواست ڪئي ته هو فوج ۽ ان جي قيادت تي حملو ڪرڻ کان پاسو ڪري ڇو ته پٺ تي هلندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. بئريسٽر گوهر به اهڙي ئي اپيل ڪئي. عمران خان کي صلاح ڏني وئي ته پرڏيهين کي فوج مخالف مهم کان روڪيو وڃي. ٻئي طرف جمعي تي عمران خان جي ايڪس تي ڪيل ٽويٽ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي مايوس ڪيو. پارٽي ۾ اهو به بحث ٿيو ته خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ کي ڪيئن روڪيو وڃي جو جيڪو پي ٽي آءِ حاصل ڪيو آهي اهو تباهه نه ٿي وڃي. پي ٽي آءِ پردي پٺيان ڳالهين جي اميد ڪري رهي هئي پر هاڻي بي يقيني آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو عمران خان جي ٽويٽ تي ڪهڙو رد عمل هوندو.  ماضي ۾ عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ جي جارحاڻي استعمال سبب پي ٽي آءِ اڳواڻن ۾ اها خواهش پيدا ٿي وئي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽن جو ڪنٽرول پاڪستان منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ان کي باهه ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پرڏيهه مان انهن اڪائونٽن کي ڪنٽرول ڪرڻ وارا ماڻهو عمران خان جي خيالن کي هٿي ڏين ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ پارٽي ۽ ان جي قيادت لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندا آهن. هن اعتراف ڪيو ته خان ڪڏهن به اهڙن عنصرن کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.