پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر )سکر ضلعي مان چار سال اڳ گم ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري ڪميٽي طرفان ڪالهه شام  ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي يونس مهر،ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا،مرڪ منان چانڊيو، خدا ڏنو شاهه، وقار علي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هڪ گم ٿيل نينگري کي ڳولهڻ ۾ ايمانداري، سچائي سان دلچسپي نه ورتي آهي، ائين لڳي ٿو ته خود سنڌ جي حڪمران پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ان اغوا ۾ ملوث آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ۽ سنڌ پوليس جي نااهلي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.