ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سياست ۾ انتقام جو عنصر ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ تمام هاڃيڪار آهي، ڪوبه ملڪ ۽ معاشرو انصاف کان سواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي. سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنالن جي اڏاوت کان وٺي لکين ايڪڙ زمين ڪمپني سرڪار حوالي ڪرڻ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي، جيڪو ارسا قانون سميت جمهوري، آئيني ۽ عدل توڙي انصاف وارن اصولن خلاف آهي. اڳ ۾ به اهڙين ئي ناانصافين جي ڪري اسان جو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو. حڪمرانن جي اقتدار جي لالچ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي چالبازين سبب قومي پارٽين ۾ به خدشا وڌي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 26 جنوري تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ”پاڻي ڪانفرنس“ جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ لوئر سنڌ جي ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.